امرت ڌارا

امرت ڌارا: هڪ قسم جي دوا، جيڪا ڪافور، جاڻ ۽ ولجاڻ جي سَتَ ملائڻ سان ٺهي ٿي، ۽ گهڻن ئي مرضن تي پوي ٿي. جيڪڏهن پسارڪن وکرن جاڻ، ولجاڻ ۽ ڪافور جو سَتُ (جوهر) جيڪو قلمن جي صورت ۾ ٿئي ٿو، انهن کي هم وزن کڻي ملائبو ته پاڻي ٿي پوندا. اُن کي پساري شِوَ ڌارا جي نالي سان به سڏيندا آهن. شِوَ ڌارا ترت علاج طور گهڻين بيمارين لاءِ مفيد آهي.


لفظ امرت ڌاراھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو